پاڪستان انجمن هلال احمر

پاڪستان انجمن هلال احمر: هن اداري جو قيام 20 ڊسمبر 1947ع ۾ ”پاڪستان ريڊ ڪراس آرڊر“ جي نالي سان پيو، جنهن کي 1973ع تي ”انجمن هلال احمر پاڪستان“ (Pakistan Red Crescent Society) جو نالو ڏنو ويو. هي ادارو معاشري ۾ پٺتي پيل عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري ٿو. جنهن جي بنيادي اصولن ۾ انسانيت، آزادي، رضاڪارانه خدمتون، قومي ايڪو وغيره شامل آهي.هي ادارو خاص ڪري قدرتي توڙي هٿرادو آفتن جي موقعن تي متاثرن کي مفت امدادي خدمتون سرانجام ڏيندو آهي. هن وقت پاڪستان هلال احمر جون 220 جي لڳ ڀڳ ڊسپينسريون ۽ اسپتالون ملڪ ۾ موجود آهن. ان کان سواءِ فرسٽ ائڊ ٽريننگس، ايمبولنس سروس، رت جي عطيي جمع ڪرڻ جا سينٽر پڻ اٿس. هي ادارو ساليانو 12 لک ماڻهن کي صحت جون سهوليتون فراهم ڪندو آهي. هن اداري جو صدر، پاڪستان جو صدر هوندو آهي، جڏهن ته هن وقت نائب صدر مسٽر محمد ناصر خان آهي، جڏهن ته مرڪزي سطح تي هن اداري جي چيئرپرسن (وقتي)، سينيٽر نيلوفر بختيار آهي. هن اداري جون صوبائي سطح جون اٺ شاخون آهن. جيڪي سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان، فاٽا، آزاد ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ آهن. سنڌ ۾ هن اداري جو صدر ڊاڪٽر عشرت العباد (گورنر سنڌ)، چيئرمئن سهيل وجاهت ايڇ. صديقي ۽ سيڪريٽري ڪنور وسيم آهن. انجمن هلال احمر جون شاخون آزاد ڄمون ڪشمير، فاٽا، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ مظفر آباد ۾ به آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو